الفاظ ادويه

الفاظ ادويه (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب عبدالغفور همايوني صاحب، طب جي علم متعلق 1910ع ڌاري تصنيف ڪيو. طب جو علم ۽ شغل سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول رهيو آهي، جنهنڪري جڙي ٻوٽين، ڊڀن ۽ دوائن جا نالا پڻ سنڌيءَ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي رائج ٿيا آهن. 4 صدي هجري (10 عيسويءَ) ۾ عبدالوهاب فزاري ۽ 5 صدي هجريءَ (11 صدي عيسوي) ۾ ابو ريحان البيروني پنهنجن ڪتابن ۾ جڏهن جڙي ٻوٽين ۽ دوائن بابت لکيو ته ڪيترن ئي جڙي ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا پڻ ڏنائون. ان بعد وقت گذرڻ سان شايد سنڌ ۾ طبي علم ايترو اوج تي نه رهيو، جنهنڪري سنڌيءَ ۾ طبي نالا به ايترا اوج تي نه رهيا ۽ اڪثر عربي فارسي نالن کان ڪم ورتو ويو. هن پوئين ويجهي دور ۾ سنڌ جي طبيبن وري سنڌي لغات طرف توجهه ڪيو ۽ ”فرهنگ جعفري“ جهڙن ڪتابن ۾ جڙي ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا آندا ويا. همايوني صاحب جو ڪتاب ’الفاظ ادويہ‘ (دوائن جا نالا) انهيءَ ڪري اهم آهي، جو مصنف هيءُ ڪتاب لکيو ئي انهيءَ ڪري ته جيئن عربي ۽ فارسي نالن سان گڏ دوائن جا سنڌي نالا به معلوم ٿي سگهن. شروع ۾ ڄاڻايو اٿس ته ڪن مصنفن (طب جي) عربي، يوناني ۽ فارسي لغات کي هنديءَ (اردو) ۾ ترجمو ڪيو آهي، مگر سنڌو وارن کي ان مان ڪو فائدو ڪونه ٿو پهچي، جو اڄ تائين ڪنهن اها ڪوشش ڪانه ڪئي آهي جو فارسي، يوناني لغات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو